اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته هن وقت ڪنٽينر تي اهي پنج خاندان موجود آهن جيڪي سدائين هن ملڪ تي حڪمراني ڪندا رهيا آهن. سماجي ??ابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ خصوصي معاون چيو ته ان ۾ مفتي محمود خاندان، اچڪزئي خاندان، ولي خان خاندان، ڀٽو خاندان ۽ شريف خاندان شا??ل آهن.