اسلام ??باد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نٿو ڪرڻ چاهي، حيرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسليم نٿو ڪري، احسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جنهن گجرون کاڌيون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظ?? جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي وڏي تحمل سان سڀني صوبن جو موقف ٻڌو عوام ??ي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظ?? جي ترجيح آهي.