اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن ۾ غذ??ئي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪ??دي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ مثبت سوچ، منصوبابندي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻارن جو وڏو انگ غذ??ئي کوٽ جو شڪار آهي، ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي سازي جي ضرورت آهي، ملڪ کي صحتمند ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ميڊيا معاشري ۾ سماجي براين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذ??ئي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.