اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي آءِ اي جي جهاز جي اوچتو حادثي جو ٻڌي صدمو پهتو آهي، آئون پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ملڪ سان رابطي ۾ آهيا?? جيڪو ريسڪيو ۽ رليف ٽيم سان گڏ ڪر??چي روانو ٿي ويو آهي. سماجي رابط?? جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان واقعي جي فوري جاچ ڪر??ئي ويندي. هن ان حادثي ۾ مارجي ويل?? جي خاندانن سان تعزيت ۽ انه?? جي لاءِ دعا ڪئي.