اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 2076 نوان ڪيس ۽ وڌي?? 36 ??وتگيون رپورٽ ٿيون آهن جڏهن ته 8 هزار 687 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) جي تازي اپ ڊيٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 39 هزار 736، تصديق ٿيل ڪيس?? جو تعداد به 61 هزار 227 تائي?? پهچي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2076 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 36 فوتگين سان مجموعي فوتگيون 1260 ٿي ويون آهن، اين سي ??و سي موجب سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ 24 هزار 206 ڪورونا وائرس ڪيسز رپورٽ ٿيا، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو تعداد 22 هزار 37 تائي?? پهچي ويو آهي، خيبرپختونخوا ۾ ڪيسز جو تعداد 8 هزار 483 ۽ اسلام آباد ۾ 2015 ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ 3616، گلگت بلتستان ۾ 651 ڪيسز رپورت ٿيا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جو تعداد 219 ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ هيستائين 20 هزار 231مريض مڪمل صحتياب ٿي ويا آهن.