اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪفالت پروگرام مان فائدو کڻندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ڪفالت پروگرام مان سهولت ما??يندڙن جو انگ 46 لک مان وڌائي 70 لک ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي تياري جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، غربت جي خات??ي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.