اسل??م آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختياري وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي س??ن پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وار?? حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمختياري وار?? حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پنج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري وار?? حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينه?? ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي س??ن پنهنجي ذميدارين کان نظرون ??ٿي ڦيرائي سگهي.