ڪوئيٽا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، ملڪ دشمن عنصر فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آه??، مچ سانحو ??ڪ وڏي گيم جو حصو آهي، ان تي پورو ملڪ ڏک ۾ آهي، پوري قوم هزاره برادري سان گڏ بيٺل آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ ??اڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آه??، ملڪ جي اندر به فتنو پکيڙيندڙ عنصرن ج?? خلاف ڪارروائي ڪنداسين، هزاره برادري سان ڪيل وا??دا پورا ڪنداسين، مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن اهرن خيالن جو اظهار مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن ۽ هزاره برادري جي ماڻهن سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.