اسلام آباد – 18 ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي ص??ارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻايو و??و. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪيو و??و آ??ي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو و??ندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آ??ي.