ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو ??يو ??ڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزو?? ۽ ??حروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ??يو. ا?? موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف ع??وي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو ??يو ??ڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آهي.