اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آسانين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جو قيام يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي ??ظام ۾ سڌارن تي اڳڀرائي اطمينان بخش آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڪاروباري عمل ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ خصوصي طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي ??يام تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس جي دوران وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ??ختلف کاتن پاران ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي کي ساراهيو. انهن قدمن ۾ ڪمپنين جي آسان ۽ تيز رجسٽريشن ۽ آن لائن منظوري شامل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ منظور ٿيل باقي قدمن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. وزيراعظم ٽيڪس جي ??ظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته واپاري برادري جي ??ڌ کان وڌ سهولت کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته ڪوالٽي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي معيار جي درجه بندي جي حڪمت عملي متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي ??شوري سان گهٽ شرح تي فڪسڊ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪري سگهجي ??و. وزيراعظم پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي اعليٰ بوڊ ڪيمپن سان گڏوگڏ هواوي ۽ سام سنگ جهڙين وڏين ٽيڪ ڪمپنين کي متوجهه ڪرڻ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ڪوششن کي به ساراهيو. اهو نه رڳو هنرمند پاڪستاني آءِ ٽي پيشيور ماڻهن کي تربيت پر باوقار روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته سموري گهربل ايڪو سسٽم سان اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي ??ڌندڙ تعداد سان ملڪ ۾ ٽيڪ بزنس کي فروغ ملڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، وزيراعظم هدايتون جاري ڪيون ته ٻين وڏن شهرن سان گڏوگڏ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ايس ٽي زيز جي ??يام جي طرف ه??جه??و ڌيان ڏنو وڃي.