اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم بجلي جي بلن جي باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي لوڊشيڊنگ جي وقت کان بچائڻ لاءِ توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئي اهي ته اهڙ??ن گرڊ اسٽيشنن ۾ جتي وصولين جو تناسب گهٽ آهي اتي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻين ته جيئن باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن محمد حماد اظهر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر، شوڪت فياض ترين، ڊاڪٽر فروغ نسيم، چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي ??زي?? سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي ??زي?? محمود خان، خاص معاون طابش گوهر، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري ??زي?? تيمور سليم جهڳڙا، سنڌ جي توانائي واري ??زي?? امتياز احمد شيخ، بلوچستان جي بين الصوبائي رابطن واري ??زي?? عمر جمالي، نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي ۽ سينيئر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا آفيسر شريڪ ٿيا. توانائي ڊويزن اجلاس کي بجلي جي پيداواري اضافي جي منصوبابندي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اها منصوبابندي 10 سالن جي لاءِ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ هر سال طلب ۽ پهچ موجب انهن ڪارٿن جو جائزوورتو وڃي ٿو ۽ ضرورتن مجب حڪمت عملي ۾ ضروري تبديليون ڪيون وڃن ٿيون. ان پلان جو مقصد توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ ۽ صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ آهي. توانائي ڊويزن آگاهه ڪيو ته ان ڏس م سمورن صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. ??زي??اعظم بجلي جي بلن جي باقاعدگي سان ادائيگي ڪندڙ صارفين کي لوڊشيڊنگ جي وقت کان بچائڻ جي لاءِ توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئي ته اها اهڙ??ن گرڊ اسٽيشنن ۾ جتي وصولين جو تناسب گهٽ آهي اتي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ته جيئن باقاعدگي سان بلز ادا ڪندڙ صارفين کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ??زي??اعظم چيو ته آئي جي سيپ جو بنيادي مقصد توانائي جي شعبي ۾ مستقبل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ آهي ته جيئن ضرورت موجب بجلي جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ عوام کي گهٽ قيمت تي بجلي فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي طريقيڪار ۾ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن ان نظام کي موثر بڻائي سگهجي. گڏيل مفادنو اري ڪائونسل تجويز ڪيل آئي جي سيپ ڪاٿن جي منظوري ڏني. ڪائونسل پن بجلي کي قابل تجديد توانائي جي هدفن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪائونسل توانائي ڊويزن کي هدايت ڪئي ته ”وهيلنگ“ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن ان کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.