اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڻي وسيلن بابت پاڪ??تا?? ڪائونسل آف ريسرچ (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪر?? ڇڏيو. پاڻي وسيلن بابت پاڪ??تا?? ڪائونسل آف ريسرچ ايڪٽ 2007ع جي سيڪشن 16 ۾ ترميم ڪئي وئ?? آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب آرڊيننس تحت ڪائونسل کي اداري جي بهتر ڪارڪردگي ۽ فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ ملازمن جي مقرري جو اختيار هوندو، ڪائونسل کي ڪانٽريڪٽ تي صلاحڪار ۽ ماهرن جون خدمتو حاصل ڪرڻ جو پڻ اختيار حاصل هوندو.