دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ??تا?? پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام پاڪ??تا?? ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪ??تا?? جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي قزاخ??تا?? جي صدر قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم خاص طور تي رابطن جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ??تا?? جي اهم پوزيشن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي به وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ خطي جي لاءِ افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان??تا?? ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي پاڪ??تا?? جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي قزاخ??تا?? جي دوري جي دعوت ڏني.