اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪندي سڀني لاڳاپ??ل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال ج?? شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپ??ل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ??مڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.