اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتص??دي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتص??دي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانستان جي گاد?? واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??در ??قتص??دي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتص??دي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتص??دي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مد?? وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتص??دي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.