اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ۽ ڊجيٽل ميڊ??ا ونگ ختم ڪ??ا ويا آهن، اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيڪا 2016ع تي نظرثاني ڪئي ويندي، رائيٽ آف انفارميشن ايڪٽ 2018ع کي پوري قوت سان لاڳو ڪيو ويندو، جرنلسٽ سيفٽي اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تي جلد کان ??لد عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، اتحادي پارٽيون گڏجي سمورن مسئلن جو ??ل ڳولينديون، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي آندي ويندي، ميديا سان لاڳاپيل سمورن مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪيو ويندو، اڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائي جڏهن ته موجوده دور ۾ اهڙي طرح جو ڪجهه نه ٿيندو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي نشانو بڻايو ويو، ٽي وي پروگرامز به بند ڪرا??ا ويا، ميڊيا حڪومت جي احتساب جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا تنقيد ضرور ڪري پر اها تنقيد براءِ تنقيد نه هجڻ گهرجي، تنقيد براءِ اصلاح جي آجيان ڪنداسين، انتقام جي سياست تي يقين نه ٿا رکون، ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، انتقامي سياست جو ڪو حربو استعمال نه ڪيو ويندو جڏهن ته قانون پنهنجو ??ستو ضرور ٺاهيندو، حڪومتي ناڪامين جو ملبو صحافين تي نه ٿو وجهي سگهجي، اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري تي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. اهڙن خيالن ??و اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته پي آءِ ڊي جي پليٽ فارم تان ??نهن جي چئن سالن کانپوءِ ميڊيا سان ملاقات ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي پارٽي مون تي جنهن اعتماد ??و اظهار ڪيو ۽ مون کي اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري ڏني ان ??ي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته حڪومتي رياستي پاليسي ۾ اطلاعات واري وزارت ??و اهم ڪردار آهي، گذريل چار سالن دوران ميڊيا سينسرشپ ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي کي منهن ڏنو، ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي ميڊ??ا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، ميڊيا انڊسٽري تي اظهار راءِ جي پابندي، سينسرسپ ۽ ميڊ??ا ورڪرز سان ??ڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ٻارڙين کي اسڪولن مان ??غوا جا واقعا ٿيا، سينيئر صحافين ابصار عالم، مطيع الله جان، حامد مير ۽ اسد طور تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين جا ٽي وي چينلز تي پروگرام بند ڪرا??ا ويا، آئون اهڙن سمورن صحافين سان يڪجهتي ??و اظهار ڪريان ٿي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت صحافين جي حقن جو ??حفظ ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري جي اندر اظهار راءِ جي آزادي رهندي ته حڪومت کي سگهه ملندي، ميديا حڪومتن جي احتساب جي عمل کي ممڪن بڻائي ٿي، ان ??ان ??ڪومت جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اسان ??ن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ??ن قانون جي خلاف تمام گهڻو احتجاج ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي هر شخص جو ??نيادي حق آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪنداسين، فيڪ نيوز تي به ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا جي هوندي ڪنهن ميڊيا اٿارٽي جي ضرورت نه آهي، ميڊيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي گڏجي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پيڪا لاء آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اهو به رد ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان گڏجي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پيڪا قانون جو ??لط استعمال ڪندي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪيو، ان ??ي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته هن قانون ۾ بهتري جي لاءِ اسان گڏجي ويهي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان ??ي عوام ڌوئنس ڌمڪين، غنڊه گردي ۽ بدمعاشڊي ڏٺي، اسان گذريل چار سال معاشري جي اندر گهُٽن ڏٺي آهي، پارليامينٽ جا دروازا بند ڪري آرڊيننس جي ذريعي قانون سازي ڪئي وئي، ميڊيا جي زبان ??ندي ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده دور نئين دور جي شروعات آهي، انتشار، گارين ۽ ڌوئنس ڌمڪيون بند ٿيڻ گهرجن، ڌوئنس ڌمڪين جي سياست نه هلندي. هن چيو ته اسان ??ڀني کي گڏجي معاشري کي افراتفري جهڙي صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، اهو اسان ??و اولين فرض آهي. هن چيو ته ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، اسان ڪنهن سياسي مخالف جي خلاف بدبودار احتساب جي روايت نه وجهنداسين، جن ماڻهن پاڪستان ??ي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو ۽ اختيارن جو ??لط استعمال ڪيو، انهن جي لاءِ قانون پنهنجو ??ستو پاڻ ٺاهيندو. هن چيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ اسان ??ي گذريل دور ۾ منظور ٿيو هو، ان کي ڀرپور طريقي سان لاڳو ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت پاناما ليڪس جي حوالي سان ٽاڪ شوز ٿيندا هئا، پيمرا ڪنهن کي هڪ به نوٽيس جاري نه ڪيو هو، 10 سال شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهيو، ميڊيا تي ڪا پابندي نه لڳائي وئي. هن چيو ته اها تنقيد جيڪا اسان ??ي رهنمائي جي لاءِ هجي، اسان ميڊيا جي رهنمائي سان ??وام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ادارن جي خلاف مهم تي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي، ادارن ۽ سينيئر صحافين جي خلاف سوشل ميديا تي مهم کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم آءِ جي صاحب کي هدايت ڪئي آهي ته صحافين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غلط ڪم ڪيو آهي، و قانون پنهنجو ??ستو پاڻ ٺاهيندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان ??ي عوام ڏسي رهي آهي ته پنجاب ۾ آئيني عهدي جو ڪهڙي طرح سياسي استعمال ڪيو پيو وڃي، پنجاب جي گورنر ۾ حوصلو ئي نه آهي ته هو حمزه شهباز شريف کان ??لف وٺي سگهي، پنجاب جي گورنر کي آئيني طريقي سان ??هدي تان هٽايو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته صدر پاڪستان وساري چڪو آهي ته هو تحريڪ انصاف جو ??در نه آهي پر پاڪستان ??و صدر آهي، صدر پاڪستان پنهنجي حلف جي پاسداري نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اڳوڻي دور ۾ ڊيجيٽل ميڊ??ا ونگ جي حوالي سان ??وال تي هن چيو ته اختيارن جي ناجائز استعمال، عيرقانوني مقررين ۽ منصوبن تي ايڪشن ورتو ويندو، اڳوڻي دور ۾ قائم ڪيل ڊيجيٽل ميڊ??ا ونگ کي ختم ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل ميڊ??ا ونگ جي ذريعي ادارن، صحافين ۽ اپوزيشن جي خلاف وٽ ٽوئيٽس ڪ??ا ويندا هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ سائبر ونگ موجود آهي جيڪو قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت ڊيجيٽل ميڊ??ا ونگ ۾ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، جڏهن اسان ??ڪومت ۾ آياسين ته هتان ماڻهو ڀچي ويا، هڪ ٻه ماڻهو جيڪي ريگيولر هئا، اهي سائبر ونگ ۾ واپس هل??ا ويا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون پاڪستان ??ي عوام جو ??مهوري حق ۽ جمهوريت جي روح آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان ??و نتيجو پاڪستان ??ي عوام کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته هن وقت حڪومت ۾ جيڪي اتحادي پارٽيون شامل آهن، ملڪ جي لاءِ انهن جون اڻٿڪ خدمتون آهن، پاڪستان ??ي عوام چار سال جنهن عذاب مان گذري آهي، اسان ??ي ڪوشش آهي ته انهن کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته چار سال ناڪام رهندڙن سدائين ڪوڙ ڳالهايو، بدبودار احتساب ۽ انتقام ورتو، اڄ اهي سازش جي ڳالهه ان لاءِ ڪري رهيا آهن ته عوام انهن کان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو ??وال نه ڪري. هن چيو ته پاڪستان ??ي عوام سوال به ڪندي ۽ انهن کي جواب به ڏيڻو پوندو.