اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ??حر??ن جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??حر??ن جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي ??حر??ن جي قياد?? پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ??حر??ن جي سفير پاڪستان ۽ ??حر??ن جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ??حر??ن پاڪستان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف ??حر??ن جي قياد?? پاران مبارڪباد واري پيغام تي ??حر??ن جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ??حر??ن سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ??حر??ن جي حڪوم?? پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. ??حر??ن ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ ??حر??ن جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ ??حر??ن گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.