اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پا??ست??ن ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي م??ڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ م??عقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائ?? ۾ ??ددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي م??م ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.