اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوب?? ۾ ??ير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مجرماڻي غف??ت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحال?? ۾ ??دلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غف??ت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوب?? ۾ ??ير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? وڌيڪ چيو ته هاڻي پري??نٽ??شنز جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحال?? ۾ ??دلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.