مظف?? ڳڙهه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضعي هيڊڪوارٽر مظف?? ڳڙهه ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ٻاهران 9 وڳي سائرن وڄ??يا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جي قيادت ۾ ڊي سي آفيس کان ضلعي ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو محمد شاهه رخ، اسسٽنٽ ڪمشنر مظف?? ڳڙهه جميل حيدر شاهه، سي اي او تعليم مسعود نديم، ريسڪيو 1122 مان اسامه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد اڪرم تڪير، مولانا عبدالمعبود آزاد، واپاري تنظيم مان امير حسن، شيخ عامر سليم، راڻا محمد افضل، ابو هريره، سماجي عورت ڪارڪن ڪلثوم سيال سميت ضلعي کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين، استادن ۽ شاگردن جي وڏي ??نگ شرڪت ڪئي.