اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه جا چار جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي ??هچي ??يا آهن. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پاران موڪليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏ??هي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪراچي ?? ترڪيه جي ??ون??ل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيون. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي.