اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻو?? کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح ان??رنيشنل ا??ئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدادي سامان ?? کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻو?? سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻو?? کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد جي پهرين جهاز جو جناح ان??رنيشنل ا??ئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال ا??انصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻو?? سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.