اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??را?? جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب ا????را?? مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب ا????را?? جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان ج?? هڪ، اردن ج?? هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا ج?? هڪ، نيپال ج?? هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي ج?? هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 ??ڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پ??را?? ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب ا????را?? مان امدادي سامان کڻ?? هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.