اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ?? مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سهڪار جي منظوري ڏيندي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برسات?? سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي ??ور??ڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر ??ي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر ??و پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي ??ور??ڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر ??ي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.