اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشا خانا ۾ انصاف ڪيو، صداقت ۽ امانت جو بُت پاش پاش ٿي ويو، قوم ڏسي ورتو ته ڪرپٽ پريڪٽس ڪري وز??راعظم جي عهدي کي ذا??ي آمدني جو ذريعو بڻايو ويو. توشا خان?? ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته قانون سان وڙهڻ، گوليون ڏنڊا هلائڻ ۽ فسادي جٿا آڻڻ بدران قانون آڏو ڪنڌ جهڪائين، ڪير به قانون کان مٿانهون ??ه آهي.