اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ جي ب??ڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ت??قي??تي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پاڪست??ن جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي ب??رڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪست??ن جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ ??ذر??ل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪست??ن جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي ب??تر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي ب?? يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي ب?? ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.