سکر-27ڪٽوبر (اي پي پي) خيرپور ۾ 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان يوم ڪشمير طور ڪارو ڏينهن م??هايو ويو، ضلعي انتظاميه ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي سول سينٽر کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر خيپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ڪئي، ريلي ۾ اي ڊي سي ڪبير شاهه، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي، صفدر ميراڻي سميت م??تل?? شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج ڪشمير تي غير قانوني قبضو قائم ڪيو، ڀارت طرفان ڪيل اڳرائي خلاف گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته 1948ع ۾ گڏيل قومن جي ??نظور ٿيل قراردادن م??جب ڪشمير??ن کي انهن جا حق ڏنا وڃن، پاڪستان هر سطح تي ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.