اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪر??ر جي حل لاءِ اسلامي تعاون تنظيم جي اصولي موقف ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا، ان سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط پيغام ويندو جڏهن ته او آءِ سي جي سيڪريٽري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ڪشمير ??ڪر??ر جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ملاقات ڪئي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ملڪي دوري تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خواهشن تحت ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪر??ر جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي تاريخي دوري جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي دوري سان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ او آءِ سي جي حمايت جو هڪ مضبوط پيغام ويندو. وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته فلسطين مسئلي جو ڪو به حل 1967ع کان اڳ جي سرحد تي ٻڌل هجڻ گهرجي جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي. ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ته او آءِ سي ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ کان افغانستان سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل انساني چئلينجن کي منهن ??يڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري جن کي افغانستان جي عوام منهن ??ئي رهيو آهي. وزيراعظم وڌندڙ مسلم دشمني ۽ نبي ڪريم ﷺ جي حرمت جي پائمالي ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت کي ورجايو. هن اسلامو فوبيا جي مهم جي تيز ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ جتي م??لمان ۽ اسلام مخالف ايجنڊا کي رياستي پاليسي جي هڪ هٿيارن طور استعمال ڪيو پيو وڃي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪر??ر جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي چيئرمين طور پاڪستان جي باقي م??ت دوران او آءِ سي سيڪريٽريٽ پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.