لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ??اڻ??ن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهي معاشري جا برابر، پيداواري ۽ فعال شهري بڻجي سگهن. گورنر هائوس ۾ معذور ??اڻ??ن سان هڪ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي هن چيو ته معذور ??اڻ??ن سان روين ۾ تبديلي انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ خاتون اول بيگمه ثمينه عارف علوي پڻ شرڪت ڪئي. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، صحت، سماجي ڀلائي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن سميت مختلف صوبائي کاتن جي انتظامي سيڪريٽرين، معذور ??اڻ??ن جي وڏي انگ، مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ??ين انٽر ايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري ۾ انهن ج?? قبوليت کي وڌائڻ کانسواءِ معذور ??اڻ??ن جي خلاف امتيازي سلوڪ، منفي ۽ دقيانوسي تصورن ۽ سماجي منع کي ختم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو خاص ڪردار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي معذور ??اڻ??ن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مرڪزي ڌارا جي ادارن ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته ٻڌڻ، ڏسڻ، جسماني ۽ ذهني معذوري وارن ??اڻ??ن کي باقاعده اسڪولن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي شرط اهو آهي ته انهن کي صحيح مددگار ٽيڪنالاجي فراهم ۽ انهن جي استادن کي مناسب تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي معذور ??اڻ??ن بابت رويو تبديل ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ تيزي سان سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان مختلف سرگرمين ۾ معذور ??اڻ??ن جي شرڪت جي لحاظ سان پٺتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ??اڻ??ن کي سرڪاري ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻ، معذور ??اڻ??ن کي جن جي معتدل ۽ شديد قسم جي معذوري آهي انهن کي به مختلف نوڪرين ۾ انهن جي قابليت ۽ مهارت موجب جڳهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ معذور ??اڻ??ن جي تعداد بابت صحيح انگن اکرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مختلف اندازن موجب اهي اسان جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي آبادي جي ان وڏي حصي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي ڀرپور صلاحيتن موجب وڌائڻ جي لاءِ مناسب ڪوششون ڪرڻ گهرجن.