ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ ??اڪ??تاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ ??اڪ??تاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چيمبر جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي وارو ??فا??ي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو ??فا??ي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو ??فا??ي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وارو ??فا??ي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وارو??فا??ي وزير مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??يو ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظهبي چيمبر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ??يو ته چيمبر ۾ ??اڪ??تاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته ??اڪ??تاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم ??يو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، ??اڪ??تان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم ??يو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم ??يو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ??اڪ??تاني چيمبرز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهبي چيمبر سان نوان رابطا قائم ڪن. وزيراعظم ابوظهبي چيمبر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ??ند?? چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جو دورو ڪن. وزيراعظم ??يو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن ??اڪ??تان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.