ماسڪو – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري يوڪرين جي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي اثر درپيش آهن، اسان جو پڪو ??قين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيون ڪي رڪاوٽون نه آهن جن تي سفارتڪاري ڪامياب نه ٿي سگهي، روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پ??ڪس??ان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ اهم آهن، پ??ڪس??ان روس لاڳاپا پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ج?? موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس جي سفارتڪاري جي مضبوط روايت تڪرار جي پرامن حل ۾ مدد ڪندي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان روسي فيڊريشن سان اعليٰ سطحي رابطا جاري رکندو. پنهنجي روسي هم منصب سان ٿيندڙ ملاقات کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن 7 علائقائي معاملن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پ??ڪس??ان روس سان واپار، سلامتي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ثمرقند ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهه ملاقات ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ واپار، معيشت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو ته ملاقات دوران هن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ افغانستان تي بهتر تعاون آهي ۽ اهي جنگ کان متاثر ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو هدف حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪ روس توانائي تعاون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ج?? موجوده حڪومت ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان روس آمريڪا يورپ سان پنهنجي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهو ته هو مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏي ٿو، روسي پرڏيهي وزير سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته پ??ڪس??ان روس سان واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ گرمجوش?? موجود آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ دعوت تي روسي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ اٺين بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي پرڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته پ??ڪس??اني معيشت ٻوڏ جي ڪري شديد متاثر ٿي. هن چيو ته روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پ??ڪس??ان سان پنهنجي فوجي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مشقن ۽ فوجي تربيت سميت باقاعده فوجي رابطو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خطي مان دهشتگردي جي خاتمي جو سڌوسنئون تعلق افغانستان سان آهي، هن ان مقصد جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم خاص طور تي افغانستان بابت ان جي رابطا گروپ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزير پشاور جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ملاقات دوران هن انساني، ثقافتي ۽ تعليمي رابطا قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پ??ڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيشن جي حوالي سان پ??ڪس??ان جو موقف ساراهه جوڳو آهي، پ??ڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پ??ڪس??ان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پ??ڪس??ان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پ??ڪس??ان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي. سرگئي لاروف چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.