اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد ??وا?? سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صدر جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کي?? اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سردار احمد ??وا?? سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ ??مو??يت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد ??وا?? سکيرا جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان ??وا??يو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ ??مو??يت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي عهدي تي فائز ??هيو.