دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي، اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ت??قي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻايو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ ج?? فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ??رڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي قطر پاران ان ڪانفرنس جي انعق??د کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي سطح تي خوشحالي جي لاءِ ت??قي يافته ملڪ نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي گهٽ ت??قي يافته ملڪن سان حصيداري نمايان آهي، جتي عالمي مدد جي وڌيڪ ضرورت آهي، اتي پائيدار ت??قي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030ع تي عملدرآمد ۽ پائيدار ??رق??اتي هدفن کي حاصل ??رڻ جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڪري خطرا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ت??قي جي لاءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقت سر آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اسان کي گڏجي اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ت??قي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمز تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ويڪسين ج?? فراهمي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تمام وڌيڪ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو تمام ڳڻتي جوڳو آهي. هن تجويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گهرجي ۽ عوام کي سماجي تحفظ ج?? فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اسرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ت??قي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن 2031ع کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن کي لاڳو ??رڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جا هدف حاصل ??رڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن فيفا مقابلا منعقد ??رڻ کانپوءِ ڪانفرنس جي شاندار انتظامن تي قطر جي امير کي مبارڪباد ڏني.