اسلام آباد – 10– اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ کي ح??يق?? معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع ج?? آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع ج?? آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي ت?? آئين جي خالقن کي انهن جي سي??سي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع ج?? آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ کي ح??يق?? معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.