لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم ک??ڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران بابت عو??م ۾ پيدا ٿيندڙ ڳ??تي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم ک??ڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آ??ن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عو??م مشڪل اسان جي مشڪل آهي.