اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي شاندار لفظن ۾ ??را?? عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري انهن سان افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ??يندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان محبت ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پا??ان شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.