اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سفير احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فورمن تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپار?? لاڳاپا وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي ج?? لاءِ و??پاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنج?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پ??ڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ج?? لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ ج?? لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.