اسلام آباد – 10 – مئ?? (اي پي پي) پاڪستان سوڊان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي انهن ڪوششن جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو جنهن جو مقصد جده ۾ سوڊاني هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز جي نمائندن جي وچ ۾ گهٽ مدي واري جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۽ تڪرار کان متاثر ماڻهن کي هنگامي انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڳالهين کان اڳ سهولت فراهم ڪر?? آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان سوڊان جي ??ور??حال جي ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي سياسي حل جي لاءِ پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.