اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي ??حفوظ رکيو، ا??له تعاليٰ سدائين اوهان کي ??نهنجي عافيت ۽ پناهه ?? رکي، ا??له جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ و??ئي?? چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، و??ئي?? چانسلرز اوهان کي ??نهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون کي ??نهنجي ان ??فظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪريان ??و. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ??و. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تائين منهنجي آڏو ناهي آيو، ا??هان ??ڪ سينئر سياستدان آهيو، ا??هان جو وڏپڻو آهي ته اوهان ??عذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي ??ظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن و??ئي?? چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران ??فظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.