پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ??ان ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم جيڪو پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ??زيراعظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم ??ڪم?? ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف ??ان طئي ٿيندڙ پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد کان جلد جاري ڪيا ويندا ان ??ان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي ??ان پنهنجي اداري جي موقف کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ??لاقات ??ان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي ??ان فائديمند موقعو مليو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.