اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??ذر??ائيجان جي صدر الهام عليوف ??ي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين ??ذر??ائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??ذر??ائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگ?? ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف ??ان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.