اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سع??دي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن سع??دي عرب جي سفير نواف بن سع??د احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سع??دي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سع??دي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سع??دي سفير کي سع??دي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن سان امڪاني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائ?? ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سع??دي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سع??دي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي سان منتظر آهي.