اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار ق??ر ز??ان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قمر ز??ان ڪائره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر ز??ان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.