اسلام آ??اد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ??ه ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ?? بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، ??اهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تح??ظا??ي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.