ڪوئٽه_27 آگسٽ(اي پي پي) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ سان بلوچستا?? جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، ميڊيا آف??س جي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي قبائلي اڳواڻ?? جي وفد وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، نگران وزيراعظم سمورن اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستا?? جي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ بلوچستا?? جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، بجلي ، پاڻي ۽ ٻيا سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ان موقعي تي بلوچستان جو نگران گورنر عبدالولي ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي پڻ موجود هئا.