اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ??اء?? قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت ۽ شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اسان انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو آهي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي آندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ ??اء?? قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفين ??اء?? قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي جي 38 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي، ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته اسان مشڪلاتن مان نڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداواري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اسان جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سان مجموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي. خدمتن جو شعبو متحرڪ آهي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان ڳنڍيل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آهي، ان سان بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان مختلف منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪ??ل ڪرڻ ??اء?? اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان عالمي بئنڪ سان مختلف منصوبن ??اء?? 2 ارب ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ترقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪ??ل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي، اسان سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ??اء?? قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. ناڻي واري نگران وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي ??اء?? به سڄي ملڪ ۾ قدم جاري آهن ان سان رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته حڪومت بئنڪنگ ذريعي سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ ??اء?? 80 ارب رپين مان 20 ارب رپيا اڄ جاري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ايف بي آر جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان وڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت ??اء?? آمدني پيداوار ضروري آهي، ان ??اء?? ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف آهن اهي مڪ??ل ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌاري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر ??اء?? جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپنين ??اء?? ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سان مٽاسٽا جي ناڻي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي ??اء?? قدمن جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ ??اء?? سازگار ماحول فراهم ??ري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18ه??ن ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي آهي سنڌ حڪومت سان وسيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اسان کي سيڙپڪاري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اسان جو بنيادي مقصد خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اسان جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اسان زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئل سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اسان کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ??اء?? قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت کي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان جو طريقيڪار اهو رهيو آهي ته اسان ان ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سان نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.