اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن ??وهاٽ ۽ ڪراچي جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندو. بعد ۾ نگران وزيراعظم ڪراچي ويندو جتي هو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تحت منعقد ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي بهترين ڪارڪردگي جو مظ??هرو ڪندڙ 25 ڪمپنين کي ايوارڊ ڏنا ويندا.