اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪش?? ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪش?? ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪش?? ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪش?? ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪش?? ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئيني ادارو اليڪش?? ڪميشن ??ف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪش?? ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪش?? ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر اليڪش?? ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان اليڪش?? ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آئيني حڪومت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.