اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عق??دت پ??ش ڪيو ۽ وارثن سان ??مد??ديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عق??دت پ??ش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پ??ش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن سان ??مد??دي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.